آزاد ڄمون ڪشمير اليڪشن ڪميشن قانونساز اسيمبليءَ جي پهرئين مرحلي ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير اليڪشن ڪميشن قانونساز اسيمبليءَ جي پهرئين مرحلي ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ايل اي-1 ميرپور ون ڊڊيال مان اظهر صادق، ايل اي-2 ميرپور 2 چڪسواري مان چوڌري قاسم مجيد، ايل اي-3 ميرپور-3 مان چوڌري ياسر سلطان، ايل اي-4 ميرپور-4 کڙي مان رخسار احمد، ايل اي-5 ڀمبر-1 …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير اليڪشن ڪميشن قانونساز اسيمبليءَ جي پهرئين مرحلي ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ايل اي-1 ميرپور ون ڊڊيال مان اظهر صادق، ايل اي-2 ميرپور 2 چڪسواري مان چوڌري قاسم مجيد، ايل اي-3 ميرپور-3 مان چوڌري ياسر سلطان، ايل اي-4 ميرپور-4 کڙي مان رخسار احمد، ايل اي-5 ڀمبر-1 برناله مان وقار احمد نور، ايل اي-6 ڀمبر-2 سماهني مان محمد رزاق چوڌري، ايل اي-7 ڀمبر-3 مان طارق فاروق ڪامياب قرار ڏنا ويا. اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن مطابق ايل اي-8 ڪوٽلي-1 مان ظفر اقبال ملڪ، ايل اي-9 ڪوٽلي-2 نڪيال مان عمير نعيم، ايل اي-10 ڪوٽلي-3 مان محمد ياسين چوڌري، ايل اي-11 ڪوٽلي-4 سهنسه مان محمد آصف، ايل اي-12 ڪوٽلي-5 چڙهوئي مان محمد رياست خان ۽ ايل اي-13 ڪوٽلي-6 کوئي رٽه مان اياز احمد ڪامياب قرار ڏنا ويا.