اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 26436 رپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 26436 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 …
سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپيا في تولو جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 26436 رپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 26436 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 857 رپيا گهٽتائيءَ کان پوءِ 366457 رپين کان 365600 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 331335 رپين مان 335145 رپيا ٿي وئي، چانديءَ جي في تولي جو اگهه 68 رپين جي واڌ کانپوءِ 6291 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جو اگهه 58 رپين جي واڌ کانپوءِ 5393 رپيا ٿي ويو.











