ايران پاران اردن ۾ آمريڪي اڏي تي بيلسٽڪ ميزائل حملي جي تصديق

تهران- 29 جولاءِ (اي پي پي) ايران، اردن ۾ آمريڪي هوائي اڏي تي ميزائل حملي جي تصديق ڪئي آهي. آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمانڊ (سينٽڪام) پاران وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن تي فائر ڪيل ايراني ميزائل تباهه ڪرڻ واري اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ايران جي پاسداران انقلاب هڪ بيان ۾ انهن حملن جي تصديق ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب پاسداران انقلاب جي جاري ڪيل بيان موجب آمريڪي فوج جي …

تهران- 29 جولاءِ (اي پي پي) ايران، اردن ۾ آمريڪي هوائي اڏي تي ميزائل حملي جي تصديق ڪئي آهي. آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمانڊ (سينٽڪام) پاران وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن تي فائر ڪيل ايراني ميزائل تباهه ڪرڻ واري اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ايران جي پاسداران انقلاب هڪ بيان ۾ انهن حملن جي تصديق ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب پاسداران انقلاب جي جاري ڪيل بيان موجب آمريڪي فوج جي جارحاڻين ڪاروائين جي جواب ۾ پاسداران انقلاب جي ايرو اسپيس فورس جي بهادر جوانن ڪجهه ڪلاڪ اڳ اردن ۾ واقع آمريڪي فوج جي هوائي اڏي ۽ مرڪزي ڪمانڊ جي مرڪز کي ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو. ڪجهه ڏينهن اڳ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سڌي ريت حملا رڪيل هئا، جڏهن ته اربع تي صبح جو سينٽڪام پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته ايران اوچتو حملن جي ڪوشش ڪئي پر آمريڪي فوج چوڪس هئي ۽ فائر ڪيل سمورن ميزائلن کي هوا ۾ تباهه ڪيو ويو آهي، ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوج تي اوچتو حملن جي ڪوششن ۾ ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ ۾ آيل مختصر وقفو ختم ٿي ويو.