اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي)رٿا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان مولانا هدايت الرحمٰن ملاقات ڪئي، جنهن دوران گوادر جي ترقي، مقامي آبادي جي خوشحالي ۽ خطي جي پائيدار ترقي بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران هدايت الرحمٰن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گوادر جي ترقي جي هر منصوبي ۾ مقامي آبادي کي شامل ڪيو ويندو جڏهن ته معاشي بهتري کي مرڪزي …
احسن اقبال سان مولانا هدايت الرحمٰن جي ملاقات، گوادر جي ترقي، مقامي آبادي جي خوشحالي ۽ خطي جي پائيدار ترقي بابت مختلف معاملن تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي)رٿا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان مولانا هدايت الرحمٰن ملاقات ڪئي، جنهن دوران گوادر جي ترقي، مقامي آبادي جي خوشحالي ۽ خطي جي پائيدار ترقي بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران هدايت الرحمٰن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گوادر جي ترقي جي هر منصوبي ۾ مقامي آبادي کي شامل ڪيو ويندو جڏهن ته معاشي بهتري کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ گهرجي ته جيئن ترقي جا اثر سڌيءَ ريت عوام تائين پهچي سگهن. ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گوادر پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته ان جي حقيقي ترقي جو دارومدار مقامي آبادي جي خوشحالي ، روزگا جي موقعن، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ عوامي شراڪتداري تي آهي. مولانا هدايت الرحمٰن چيو ته گوادر جي ترقي ۽ خاص ڪري اتان جي عوام جي خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ سهڪار ضروري آهي.











