اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي)سپريم ڪورٽ ڪالعدم بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) سان مبينه تعلق رکندڙ جوابدار بلال جي ضمانت ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ٻڌڻي دوران عدالت سرڪاري وڪيل کان جوابدار ۽ ڪالعدم تنظيم وچ ۾ تعلق بابت ثبوتن تي سوال پڇيا. جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل وڌيڪ دستاويز جمع …
سپريم ڪورٽ ڪالعدم بلوچستان لبريشن آرمي سان مبينه تعلق رکندڙ جوابدار بلال جي ضمانت ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي)سپريم ڪورٽ ڪالعدم بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) سان مبينه تعلق رکندڙ جوابدار بلال جي ضمانت ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ٻڌڻي دوران عدالت سرڪاري وڪيل کان جوابدار ۽ ڪالعدم تنظيم وچ ۾ تعلق بابت ثبوتن تي سوال پڇيا. جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ آپگهاتي بمبار سان مبينه تعلق بابت رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي. ان موقعي تي جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته توهان جوابدار جو بي ايل اي سان رابطو ڪيئن جوڙيو؟ هن چيو ته جوابدار بينڪ مينجر آهي، صرف گاڏي جي خريداري لاءِ رقم منتقل ڪرڻ ڪيئن ڏوهه بڻجي سگهي ٿو. جسٽس نعيم اختر افغان وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته بينڪ مينجر صرف رقم منتقل ڪئي، بينڪ آفيسر کي معلوم هو ته گاڏي ڪنهن ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندي، عدالت سرڪاري وڪيل کي چيو ته هو واضع ڪري ته جوابدار بلال جو ڪالعدم بلوچستان لبريشن آرمي سان مبينه تعلق ڪهڙو آهي ۽ ان حوالي سان اعتماد جوڳا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن. سرڪاري وڪيل موجب جوابدار خلاف دهشتگردي جي روڪ ٿام واري عدالت (سي ٽي ڊي) ڪراچي ۾ ڪيس داخل آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جوابدار جي ضمانت ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.











