درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 48 هزارڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 19 هزار 300ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 44هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 44 هزار 200 ڪيوسڪ، …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 48 هزارڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 19 هزار 300ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 44هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 44 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 20 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 20هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 63 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 93 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو81 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1534 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.673 ملين ايڪڙ فوٽ، جڏهن ته منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1192.85 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.804 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.258 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں