وزيراعظم پاران مرڪزي ڊيٽا سينٽر اسڪائي 47 جون سهولتون سمورن وفاقي ادارن کي فراهم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي موثر قدمن جي هدايت

اسلام آباد - 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ نئين قائم ڪيل قومي سطح جي مرڪزي ڊيٽا سينٽر اسڪائي 47 جون سهولتون سمورن وفاقي ادارن کي فراهم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي موثر قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قومي ٺوس ڊيجيٽل پاليسي تي موثر عملدرآمد سان عالمي حصيداري ۽ عالمي فورمز تي ملڪ جي موثر نمائندگي يقيني بڻائي سگهبي. …

اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ نئين قائم ڪيل قومي سطح جي مرڪزي ڊيٽا سينٽر اسڪائي 47 جون سهولتون سمورن وفاقي ادارن کي فراهم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي موثر قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قومي ٺوس ڊيجيٽل پاليسي تي موثر عملدرآمد سان عالمي حصيداري ۽ عالمي فورمز تي ملڪ جي موثر نمائندگي يقيني بڻائي سگهبي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي سطح جي ٺوس ڊيجيٽل پاليسي فريم ورڪ تي عملدرآمد بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ نئين قائم ڪيل قومي سطح جي مرڪزي ڊيٽا سينٽر اسڪائي 47 جون سهولتون سمورن وفاقي ادارن کي ميسر ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي موثر قدم کنيا وڃن، پبلڪ سيڪٽر ۾ قومي سطح تي هڪ ٺوس ڊيٽا سينٽر ئي سمورن ادارن جي ڊيٽا کي مرڪوز جڳهه فراهم ڪندو ۽ مختلف ادارن جا جدا جدا ڊيٽا سينٽرز قائم ڪرڻ کي روڪڻ سان قومي وسيلن جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي حڪومتي خدمتن، معاشي نظام خاص طور تي عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي لاءِ فعال ۽ انقلابي رخ جو تعين ڪري رهي آهي، موجوده دور جي گهرجن موجب قومي ڊيجيٽل ويزن جو لاڳو هڪ ٺوس معاشري جي جوڙجڪ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، قومي ۽ ٺوس ڊيجيٽل ويزن تحت ڊيجيٽل معيشت، ڊيجيٽل شهري سهولتن ۽ ڊيجيٽل حڪومتي خدمتن، ٽن بنيادي ٿنڀن تي جاري ڪم ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته قومي ٺوس ڊيجيٽل پاليسي تي موثر عملدرآمد سان عالمي حصيداري ۽ عالمي فورمز تي ملڪ جي موثر نمائندگي يقيني بڻائي سگهبي، سمورن لاڳاپل ادارن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي مشاورت سان قومي ڊيجيٽل ويزن تي مڪمل عملدرآمد سان ادارن جي فيصلاسازي، ڪارڪردگي ۽ شفافيت عالمي معيار سان هم آهنگ ٿي ويندي، قومي ڊيجيٽل ويزن جو لاڳو اڳ ۾ ترجيحاتي شعبن بشمول صحت، زراعت، يوٽيلٽيز، هائوسنگ ۽ ننڍي ۽وچولي درجي جي صنعتي ۽ واپاري ادارن جي لاءِ ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي بهتر سهولتون جلد کان جلد پهچائي سگهجن. وزيراعظم چيو ته قومي ڊيجيٽل ويزن جي مڪمل لاڳو کانپوءِ شهرين کي هڪ ئي ڊيجيٽل آءِ ٽي تحت سموريون عوامي سهولتون بشمولد ستاويزن جي حڪومتي تصديق، بئنڪ جون سهولتون، صحت، ٽرانسفرز ۽ ٻيون سهولتون هڪ ئي جڳهه تي ميسر ٿي سگهنديون، نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن جو اجلاس جلد گهرايو وڃي ته جيئن صوبن سميت سمورن حصيدارن کي ان پاليسي تي اعتماد ۾ ورتو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ 2025ع تحت قائم ڪيل نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن جو سربراهه وزيراعظم آهي ۽ سمورا صوبائي وڏا وزير ان جا ميمبر آهن، وزيراعظم جي هدايت موجب قومي ڊيجيٽل ويزن جو لاڳو، زراعت، خوراڪ، صحت، انرجي، هائوسنگ ۽ (ايس ايم ايز) ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتي ۽ واپاري ادارن جي شعبن ۾ ڪيو پيو وڃي، انهن چئن شعبن کانسواءِ ٻين 14 ترجيحاتي شعبن تي وزيراعظم جي هدايت موجب ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو نه رڳو شعباجاتي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائيندو پر ملڪي معيشت ۽ صنعت ۽ واپار ۾ پڻ مثبت اثر وجهندو، هائوسنگ جي شعبي ۾ ان جي لاڳو کانپوءِ نجي ۽ سرڪاري سمورين ملڪيتن جي لاءِ هڪ مرڪزي نشاندهي نمبر ميسر اچي سگهندو. ڊيجيٽل نظام جي سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز جي شعبي ۾ لاڳو سان ڪاروبار جي منفرد قانوني سڃاڻپ جو هڪ ٺوس نظام جڙندو جيڪو ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ اضافي جو سبب بڻجندو، قومي ڊيجيٽل ويزن جي مڪمل لاڳو جي لاءِ سمورا قانوني، انتظامي ۽ اداراجاتي قدم تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن، ان ڏس ۾ عالمي ماهرن ۽ عالمي ادارن جي راءِ ۽ دنيا ۾ لاڳو بهترين طريقن مان پڻ فائدو حاصل ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں