اسلام آباد - 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف شعبن ۾ ٽيڪس جي صلاحيت جي ماپي جي لاءِ جامع ۽ سائنٽفڪ طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت برآمدي ۽ مقامي شعبي کي جيتري قدر ممڪن ٿيو سهولت فراهم ڪندي رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر سڌارن تي هفتيوار جائزه …
وزيراعظم پاران مختلف شعبن ۾ ٽيڪس جي صلاحيت جي ماپي جي لاءِ جامع ۽ سائنٽفڪ طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف شعبن ۾ ٽيڪس جي صلاحيت جي ماپي جي لاءِ جامع ۽ سائنٽفڪ طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت برآمدي ۽ مقامي شعبي کي جيتري قدر ممڪن ٿيو سهولت فراهم ڪندي رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر سڌارن تي هفتيوار جائزه اجلاس اربع ڏينهن ٿيو جنهن ۾ اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ اداراجاتي سڌارن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي هدايت ڪئي ته مختلف شعبن ۾ ٽيڪس جي صلاحيت جي ماپي جي لاءِ هڪ جامع ۽ سائنٽفڪ طريقيڪار جوڙي پيش ڪيو وڃي. هن پاور سيڪٽر سان تعاون سان غيررسمي معاشي سرگرمين ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن ۽ ڪاروبارن جو تعين ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کنڊ جي پيداواري شعبي ۽ ايف بي آر جي انگن اکرن ۾ هم آهنگي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ايف بي آر پاران هنيل ٽريڪنگ نظام فعال ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي. ان ڏس ۾ ايف بي آر چيئرمين ۽ ان جي ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم ٽيڪس نظام ۾ رهندي سمورن ضابطن جي پابندي ڪرڻ ۽ ٽيڪس جمع ڪرائيندڙ ماڻهن ۽ ڪاروبار کي ساراهيندي چيو ته اهي ملڪ ۽ قوم جو قيمتي سرمايو آهن. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس جي حوالي سان برآمدي ۽ مقامي شعبي کي جيتري قدر ممڪن ٿيو سهولت فراهم ڪئي ۽ اڳتي به ڪندي رهندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر چيئرمين ۽ سينيئر آفيسر هر مهيني جي پهرين هفتي ڪراچي ۾ موجود هجن ته جيئن ڪاروباري برادري جا مسئلا وقت سر ٻڌن ۽ حل ڪري سگهجن. هن ٽيڪسٽائيل، مشروبات، اسٽيل، پولٽري، کاڄرو تيل ۽ گيهه ۽ ٽائرز جي شعبن ۾ پيداوار جي ڊيجيٽل نگراني جو نظام ڊسمبر تائين فعال بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر ۾ مقرريون ۽ بدليون رڳو ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون. هن ايف بي آر ۾ آفيسرن جي جانچ جي نظام کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو ۽ چيو ته ميرت ۽ شفافيت اولين ترجيح رهندي. هن هدايت ڪئي ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي فهرست جوڙي وڃي ته جيئن آزادي جي ڏهاڙي تي انهن کي ايوارڊز ڏنا وڃن. وزيراعظم ڪسٽمز بانڊيڊ ويئر هائوسز ۾ ڪنهن به بي ضابطگي جي نشاندهي ۽ تدارڪ جي لاءِ فوري ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ ويليڊيشن ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. وزيراعظم کي ايف بي آر پاران پيداواري شعبي جي لاءِ ٽريڪنگ نظام هڻڻ، ايف بي آر ۾ افرادي قوت جي حوالي سان لاڳو ڪيل سڌارن ۽ آپريشن صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته کنڊ، سيمنٽ، تماڪ، ٽائيلز ۽ ڀاڻ جي شعبي ۾ ٽريڪنگ سسٽم مڪمل طور تي فعال جڏهن ته وڌيڪ 5 شعبن ۾ لاڳو حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن جي ٽيڪس صلاحيت 7 سئو ارب رپين کان وڌيڪ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 9 پيداواري شعبن ۾ ٽريڪنگ نظام جوڙڻ ۽ ان جي لاڳو جي لاءِ شعبن سان گڏجي ڪم جاري آهي جنهن جي ڪري 560 ارب رپين جي ٽيڪس جي سگهه مان فائدو کڻي سگهبو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پيداواري شعبي ۾ اڻسڌا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي لاءِ ٽريڪنگ نظام جي لاڳو کي هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين يقيني بڻايو وڃي. افرادي قوت جي حوالي سان سڌارن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته آفيسرن جي ڀرتي جي وقت انهن جي ٽريننگ ملڪ جي ناليواري يونيورسٽي مان ڪرائي پئي وڃي جنهن ۾ ميرٽ ۽ سٺي ڪارڪردگي جي اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي، ان سان گڏوگڏ حاضر سروس آفيسرن جي ٽريننگ پڻ ڪرائي پئي وڃي، ٽريننگ ماڊيولز عالمي معيار ۽ پاڪستان جي ٽيڪس نظام جي ضرورتن سان هم آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيئر ريويو ۽ جانچ جي نظام جي لاڳو کانپوءِ ڪسٽمز ۽ اِن لينڊ روينيو ۾ اهم پوسٽن تي سٺي شهرت رکندڙ ماڻهن جي مقرري يقيني بڻائي پئي وڃي. ايف بي آر ۾ اهڙا آفيسر ۽ اهلڪار جن جي ڪارڪردگي بهتر آهي، انهن جي واکاڻ ۽ خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن ۽ اهلڪارن جي سزا جو نظام پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ 957 ٿرڊ پارٽي آڊيٽرز جي مقرري ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪسٽمز جي فيس – ليس نظام تحت 280 گڊز ايويلوايٽرز جي ڀرتي جو عمل جاري آهي جنهن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني پئي وڃي. فيس ليس نظام جي ذريعي نه رڳو سامان جي پهچ ۽ آمد جي لاءِ گهربل وقت ۾ گهٽتائي پر ريڪوري ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٽيڪس ڪيسن ۾ غيرضروري قانوني ڪارروائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيس اسڪروٽني ڪميٽي قائم ڪئي پئي وڃي جيڪا ٽيڪس بابت ڪيسن جي داخلا جو فيصلو ميرٽ تي ڪندي. اهڙي طرح متبادل تڪراري حل (اي ڊي سي آرز) فورم تحت جون 2026ع تائين 377 درخواستن مان 152 درخواستون 90 ڏينهن جي اندر اڪلايون ويون جنهن جي نتيجي ۾ 54 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي ممڪن ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.










