اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خيبر ضلعي ۾ 24 خارجين ۽ ضلعي نوشڪي ۾ فتنه الهندستان جي 8 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز …
وزيراعظم پاران بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خيبر ضلعي ۾ 24 خارجين ۽ ضلعي نوشڪي ۾ فتنه الهندستان جي 8 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ اهلڪار ملڪ جي امن کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن جي خلاف موثر ڪارروايون ڪري رهيا آهن، ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.










