اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 32 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ڀارت …
صدر پاران خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 32 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ڀارت جي پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جا ڪڌا ارادا هر قيمت تي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جهڙن ڀارتي پراڪسي گروهن جي خلاف جاري ڪارروايون قومي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ لازمي آهن. صدر چيو ته پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خودمختياري جي خلاف هر سازش کي قومي عزم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيت سان ناڪام بڻايو ويندو.










