اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح اربع ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح جي ڳالهه ٻولهه جي گڏيل صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جامع جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، افرادي قوت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح جي گڏيل صدارت ۾ وفدن جي سطح جي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح اربع ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح جي ڳالهه ٻولهه جي گڏيل صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جامع جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، افرادي قوت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، دفاع ۽ وسيع تر اقتصادي حصيداري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن اداراجاتي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ اعلى سطح جي رابطن جي جي باقاعده مٽاسٽا جي ذريعي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ موثر ۽ منظم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي گهڻ رخي فورمز ۾ ويجهو رابطو ۽ تعاون جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ڪويت جي پرڏيهي وزير پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ڪويتي وفد جي لاءِ شاندار استقبال ۽ پرخلوص مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا. هن ڪوويڊ – 19 وبا دوران ڪويت جي حمايت تي پاڪستان کي خراج تحسين پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪويت سان پاڪستان جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏين. ڌرين وچ اوڀر ۽ فلسطين جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪويت جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي پڻ ساراهيو.










