وزيراعظم سان وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي ملاقات

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ هُن کيس يوٿ پروگرام جي تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم کيس هدايت ڪئي ته يوٿ پروگرام جي منصوبن جي تحت روزگار جي موقعن لاءِ موثر ۽ جامع …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ هُن کيس يوٿ پروگرام جي تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم کيس هدايت ڪئي ته يوٿ پروگرام جي منصوبن جي تحت روزگار جي موقعن لاءِ موثر ۽ جامع حڪمت عملي تي ڀرپُور انداز ۾ ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته نوجوانن لاءِ بهترين تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيتجو انتظام حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل مهارتن ۽ ڪاروباري صلاحيتن سان ليس ڪرڻ کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو ته حڪومت نوجوانن کي روزگار، ڪاروبار، تعليم ۽ هنر جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته هنرمند افرادي قوت ملڪ جي معيشت، صنعت ۽ سماجي واڌاري ۾ اهم حيثيت رکي ٿي ۽ تعليم يافته، هنرمند نوجوان اسان جي قوم جي روشن مستقبل جا ضامن آهن.