اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) هڪ سينئر پاڪستاني انٽيليجنس آفيسر جرمن پبليڪيشن "ايف اي زيڊ" ۽ نيوز ايجنسي "ڊي پي اي" جي رپورٽن کي واضح طور تي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته نار جي صورتحال جي حوالي سان نامعلوم پاڪستاني انٽيليجنس ذريعن سان منسوب ڪيل دعوائون مڪمل طور تي غلط آهن. پاڪستان ٽي وي سان ڳالهائيندي، سينئر سيڪيورٽي عملدار تصديق ڪئي ته ڪنهن به پاڪستاني انٽيليجنس يا …
سينئر پاڪستاني انٽيليجنس آفيسر پاران جرمن پبليڪيشن "ايف اي زيڊ” ۽ نيوز ايجنسي "ڊي پي اي” جُون رپورٽُون واضح طور تي رد

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) هڪ سينئر پاڪستاني انٽيليجنس آفيسر جرمن پبليڪيشن "ايف اي زيڊ” ۽ نيوز ايجنسي "ڊي پي اي” جي رپورٽن کي واضح طور تي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته نار جي صورتحال جي حوالي سان نامعلوم پاڪستاني انٽيليجنس ذريعن سان منسوب ڪيل دعوائون مڪمل طور تي غلط آهن. پاڪستان ٽي وي سان ڳالهائيندي، سينئر سيڪيورٽي عملدار تصديق ڪئي ته ڪنهن به پاڪستاني انٽيليجنس يا سرڪاري ذريعن ان معاملي تي ڪنهن به پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي. اها وضاحت ايف اي زيڊ ۽ ڊي پي اي جي انهن رپورٽن کانپوءِ ڏني وئي آهي جنهن ۾ اسلام آباد ۾ انٽيليجنس ذريعن جو حوالو ڏيندي الزام لڳايو ويو آهي ته ايران جي خلاف آمريڪي زميني ڪارروائي جو امڪان آهي. عهديدار چيو ته ڪنهن به پاڪستاني انٽيليجنس يا سرڪاري ذريعن نار جي صورتحال تي ڪنهن به پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي، پاڪستاني ذريعن سان منسوب سمُوريُون ڳالهيُون خيالي ۽ من گھڙت آهن. عهديدار ان ڳالهه کي ورجايو ته علائقائي سلامتي جي معاملن تي پاڪستان جي حڪومت جو موقف صرف باضابطه ۽ مجاز اختيارين ذريعي پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ خبردار ڪيو ته نازڪ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ اهڙي قسم جُون غلط طور تي منسُوب رپورٽون جاري ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.











