پاڪستان آمريڪا سان پارلياماني سفارتڪاري، عوامي رابطن ۽ گڏيل تعاون جي فروغ جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پارلياماني سفارتڪاري، عوامي رابطن ۽ گڏيل تعاون جي فروغ جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان – آمريڪا پارلياماني فرينڊشپ گروپ ۽ آمريڪي ڪانگريسي وفد جي وچ ۾ ٿيندڙ اعلى سطحي ملاقات …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پارلياماني سفارتڪاري، عوامي رابطن ۽ گڏيل تعاون جي فروغ جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان – آمريڪا پارلياماني فرينڊشپ گروپ ۽ آمريڪي ڪانگريسي وفد جي وچ ۾ ٿيندڙ اعلى سطحي ملاقات جي اهميت تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان – آمريڪا پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سيد حسين طارق جي قيادت ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي جڏهن ته آمريڪي وفد ۾ ڪانگريس جا ميمبر ريان زنڪي ۽ مائيڪل بامگارٽنر شامل هئا. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته تازي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ دوران جنگ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سفارتي ڪوششن کي پاڪستاني عوام قدر جي نگاهه سان ڏٺو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثبت لاڳاپن ۽ گڏيل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن جي وچ ۾ موثر رابطو نه رڳو گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت کي فروغ ڏي ٿو پر واپار، تعليم، سيڙپڪاري، تعليمي مٽاسٽا، يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن جي وچ ۾ حصيداري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا پڻ پيدا ڪري ٿو. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان جي هم منصب پارلياماني فرينڊشپ گروپ (پاڪستان ڪاڪس) کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿين. هن چيو ته آمريڪي ڪانگريسي وفد جي پاڪستان اچڻ ۽ ملڪي عسڪري قيادت سان ملاقاتن دوران خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهڻ ان ڳالهه جو واضح اظهار آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ ٻئي ملڪ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهن. بئريسٽر دانيال چوڌري پيو ريسرچ سينٽر جي تازي سروي جي نتيجن کي زميني حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام چين سان پنهنجي پراڻي ۽ مضبوط دوستي تي فخر ڪري ٿي جڏهن ته ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته هو آمريڪا بابت منفي راءِ رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي قائم آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ عوامي رابطن ۾ مسلسل اڳڀرائي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي موجود ٻين پارليامينٽرينز پڻ ان موقف جي تائيد ڪندي سروي جي نتيجن کي رد ڪيو ۽ ان کي زميني حقيقتن جي مڪمل عڪاسي نه ڪندڙ قرار ڏنو.

مزید خبریں