نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي جو ٽيليفونڪ رابطو، فلسطين جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران غزه ۽ والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي ڪاررواين، شديد فضائي حملن، زميني آپريشنز ۽ اسرائيلي آبادڪارن جي وڌندڙ تشدد …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران غزه ۽ والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي ڪاررواين، شديد فضائي حملن، زميني آپريشنز ۽ اسرائيلي آبادڪارن جي وڌندڙ تشدد جي سخت مذمت ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن والاريل اوڀر يروشلم ۾ موجود مسجد اقصى جي احاطي ۾ اسرائيلي آبادڪارن ۽ انتهاپسند گروهن جي بار بار وڏي پئماني تي دراندازي ۽ فلسطيني نمازين تي لاڳو پابندين جي پڻ شديد مذمت ڪندي چيو ته اهي اشتعال انگيز قدم مقدس جڳهه جي حرمت جي خلاف ورزي، ڇڪتاڻ ۾ اضافي ۽ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهن. ان موقعي تي اردن پاران عرب ۽ اسلامي ملڪن جي هڪ گروپ جو اجلاس گهرائڻ جي تجويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن جو مقصد موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ گڏيل سفارتي حڪمت عملي ۽ ردعمل کي ٺوس بڻائڻ آهي. اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي خطي ۾ امن ۽  استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي جاري سفارتي ڪوششن جي ڪامياب نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطيني عوام جي جائز حقن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد، خودمختيار، جاگرافيائي طور تي متصل ۽ قابل عمل فلسطيني رياست، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام تي ٻڌل ٻه رياستي حل جي مڪمل حمايت جاري رکندو.

مزید خبریں