اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڄمون ڪشمير جون چونڊون منصفاڻيون، شفاف ۽ غير جانبدار انداز ۾ منعقد ٿيون، جنهن ۾ عوام آزاد طور تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ لاڳاپيل ادارن پنهنجون آئيني ۽ قانوني ذميداريون سهڻي انداز ۾ ادا ڪيون، جنهن جي …
آزاد ڄمون ڪشمير جون چونڊون منصفاڻيون، شفاف ۽ غير جانبدار انداز ۾ منعقد ٿيون: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڄمون ڪشمير جون چونڊون منصفاڻيون، شفاف ۽ غير جانبدار انداز ۾ منعقد ٿيون، جنهن ۾ عوام آزاد طور تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ لاڳاپيل ادارن پنهنجون آئيني ۽ قانوني ذميداريون سهڻي انداز ۾ ادا ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ چونڊ عمل پُرامن، منظم ۽ شفاف ماحول ۾ مڪمل ٿيو، عوام جمهوري عمل تي اعتماد جو اظهار ڪندي ڀرپور انداز ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي ووٽ جو حق جو آزاد اظهار ڪيو. هن چيو ته آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام پنهنجي ووٽ ذريعي جمهوري قدرن کي مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته چونڊ جا نتيجا عوامي فيصلي جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ سمورين سياسي پارٽين کي عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندي جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت آزاد، شفاف ۽ غير جانبدار چونڊن جي بندوبست تي يقين رکي ٿي ۽ جمهوري نظام جي استحڪام لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي.









