اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ شديد گرمي جي لهرن کي روڪڻ ممڪن ناهي، جڏهن ته اثرائتي رٿابندي، وقت سر تياري ۽ مربوط حڪومتي قدمن ذريعي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان کي نمايان حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اڱاري ڏينهن وفاقي وزيرن سان نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽيءَ جي دؤري جي …
ٻوڏ وارن خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي تيارين ۾ نمايان بهتري آئي آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ شديد گرمي جي لهرن کي روڪڻ ممڪن ناهي، جڏهن ته اثرائتي رٿابندي، وقت سر تياري ۽ مربوط حڪومتي قدمن ذريعي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان کي نمايان حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اڱاري ڏينهن وفاقي وزيرن سان نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽيءَ جي دؤري جي موقعي تي نيوز بريفنگ ڏيندي هن چيو ته اين ڊي ايم اي جي سگهه ۽ اڳواٽ تياريءَ ۾ مسلسل بهتري آندي پئي وڃي. گذريل سال شديد ٻوڏ باوجود وقت سر ريسڪيو ۽ رليف ڪاررواين عيوض انساني جانين جو نقصان گهٽ رهيو، جيڪو ادارن جي بهتر تياري ۽ مؤثر ردِعمل جو نتيجو آهي. احسن اقبال چيو ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي گليشيئرز جي پگهرجڻ سان پيدا ٿيندڙ خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ نگراني ۽ اڳواٽ خبردار واري نظام کي مؤثر بڻايو پيو وڃي. اهڙيءَ طرح قومي غذائي تحفظ واري وزارت چين جي سهڪار سان هڪ وڏي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد زرعي تحقيق کي هٿي ڏيڻ، ماهرن تي ٻَڌل افرادي قوت تيار ڪرڻ ۽ اهڙن نئين فصلن جا قسم متعارف ڪرائڻ آهي جيڪي موسمياتي تبديلين ۽ سخت موسمي حالتن جو بهتر مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته ناڻي واري وزير ماضيءَ وانگر هاڻ به موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گهربل مالي وسيلن جي وقت سر فراهميءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته آبي وسيلن واري وزارت، وزيراعظم جي هدايت موجب آبي ذخيرن ۽ ڊيمن جي تعمير تي تيزيءَ سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي وقت سر پڄاڻيءَ سان ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌندي ۽ ٻوڏ وارن خطرن کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. احسن اقبال چيو ته گذريل تجربن مان واضح ٿيو آهي ته انتظامي صلاحيت ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي ضرورت آهي، خاص ڪري ضلعي سطح تي ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽيز کي فعال ۽ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڀريو ته هنگامي حالتن ۾ فنڊز جي فوري منظوري، وسيلن جي وقت سر فراهمي، مشينريءَ جي تيز رفتار مقرري ۽ حفاظتي تعميراتي ڪمن لاءِ ايمرجنسي پروٽوڪول کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ گهرجي. وفاقي وزير سفارش ڪئي ته سمورا صوبا موسمياتي تبديلي ۽ ٻوڏ بابت رٿائن لاءِ ”گرين چينل“ قائم ڪن ته جيئن اهڙين رٿائن جي منظوري ۽ فنڊز جي فراهميءَ کي فاسٽ ٽريڪ بنيادن تي يقيني بڻائي سگهجي، جنهن سان مستقبل ۾ قدرتي آفتن سبب ٿيل نقصانن کي وڌيڪ گهٽ ڪري سگهجي.









