ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ جي ايم مڪئي ڪميٽيءَ جو ٻيو اجلاس

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ جينياتي طور تي تبديل ٿيل (جي ايم) مڪئي بابت قائم ڪميٽيءَ جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ جي ايم مڪئي جي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ آئينده جو لائحه عمل غور هيٺ آيو. اجلاس جي شروعات ۾ ناڻي واري وزير شرڪت …

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ جينياتي طور تي تبديل ٿيل (جي ايم) مڪئي بابت قائم ڪميٽيءَ جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ جي ايم مڪئي جي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ آئينده جو لائحه عمل غور هيٺ آيو. اجلاس جي شروعات ۾ ناڻي واري وزير شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته ڪميٽي سائنسي شاهدين، فني مهارت ۽ عالمي بهترين طريقيڪار جي بنياد تي سمورين ڌُرين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ سان سفارشون جوڙين. اجلاس ۾ گذريل اجلاس جي فيصلن تي ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ پاليسي دستاويزن جي فراهمي ۽ مختلف ڌُرين طرفان ملندڙ لکت واريون تجويزون شامل هيون. شرڪت ڪندڙن جي ايم مڪئي جي ٽيڪنالاجي ذريعي زرعي پيداوار ۾ واڌ، غذائي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ، آمدني واپار تي ڀاڙڻ ۾ گهٽتائي ۽ زرعي شعبي جي چٽاڀيٽي وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏوگڏ مڪئي جي مقامي ملنگ انڊسٽري، روانگي واپاري منڊين ۽ موجوده زرعي ويليو چين جي تحفظ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ جي ايم ۽ نان جي ايم مڪئي جي هڪ ئي وقت استعمال، ريگيوليٽري نگراني، بائيو سيفٽي قدمن، ٽريس ايبلٽي، ذخيرو ڪرڻ جي سهولتن ۽ سپلاءِ چين مئنجمينٽ بابت سفارشن تي پڻ غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته نئين ٽيڪنالاجي جي اثرائتي نظام لاءِ هڪ منظم عبوري فريم ورڪ، مضبوط ريگيوليٽري نظام ۽ عالمي بهترين طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن امپورٽ واري چٽاڀيٽي به برقرار رهي. ناڻي واري وزير مختلف ڌُرين طرفان اُٿاريل خدشن کي تسليم ڪندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ ۽ موجوده صنعتن جي تحفظ سان گڏوگڏ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته جي ايم ۽ نان جي ايم مڪئي جو هڪ ئي وقت وجود عملي طور تي ممڪن آهي، جڏهن ته ان لاءِ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ اثرائتي سپلاءِ چين انتظام اڻٽر آهن ته جيئن پاڪستان جي زرعي ۽ روانگي واپار وارن مفادن جو مڪمل تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. تفصيلي فني مشاورت لاءِ ڪميٽيءَ لاڳاپيل سرڪاري ادارن، صنعت، روانگي واپار ڪندڙن ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪندڙ ادارن جي نمائندن تي ٻَڌل هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ورڪنگ گروپ ريگيوليٽري فريم ورڪ، عارضي حڪمتِ عملي، بائيو سيفٽي قدمن ۽ سپلاءِ چين بابت اتفاق راءِ تي ٻَڌل سفارشون تيار ڪرڻ ڪميٽيءَ کي پيش ڪندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي زرعي شعبي، مقامي صنعت ۽ روانگي واپار جي مفادن جي تفظ کي پڻ يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ زراعت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري سيڪريٽري، پاڪستان گرين انيشيئٽو جو چيف ايگزيڪيوٽو، لاڳاپيل ڪاروباري ۽ روانگي واپار ڪندڙن جي شعبن جي نمائندن ۽ زرعي ۽ سائنسي ماهرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں