اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ فائيو جي انٽرنيٽ سروس فراهم ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن جي ايس ايم اي ڊجيٽل نيشنل پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آءِ ٽي …
ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ فائيو جي انٽرنيٽ سروس فراهم ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ فائيو جي انٽرنيٽ سروس فراهم ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن جي ايس ايم اي ڊجيٽل نيشنل پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ صارفين جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، گذريل 5 سالن ۾ ملڪي انٽرنيٽ جي استعمال ۾ واڌ ٿي آهي. 2024ع ۾ 20 لک صارفين صرف انٽرنيٽ فائبرزيشن استعمال ڪري رهيا هئا، هاڻ ان ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جو عزم ملڪ ۾ بهترين انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ ڊجيٽل پاڪستان آهي، صوبا ان حوالي سان گڏجي بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ٽيلي ڪام نيٽ ورڪ جي سڀ کان وڏي عالمي تنظيم جي ايس ايم پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ڊجيٽل پاڪستان 2030ع، جي ايس ايم اي جي رپورٽ جوليئن گورمن، هيڊ آف ايشيا پيسفڪ، جي ايس ايم اي پيش ڪئي. جوليئن گورمن چيو ته پائيدار سيڙپڪاري، اعتماد ۽ جامع ترقيءَ لاءِ اڳڀرائيءَ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته عورتن لاءِ ڊجيٽل خدمتن تائين پهچ معاشرتي عمل ۽ خرچ اهم رڪاوٽ آهن، 28 سيڪڙو عورتون پنهنجو انٽرنيٽ فون نه هئڻ سبب ٻين جي موبائل تي ڀاڙين ٿيون. عورتن جي ڊجيٽل شموليت ۽ موبائل انٽرنيٽ جي استعمال ۾ نمايان واڌ ٿي. هن چيو ته رپورٽ ۾ ڊجيٽل ترقي لاءِ 5 اهم ترجيحن جو تعين پڻ ڪيو ويو آهي. اسپيڪٽرم پاليسي سڌارن سان سيڙپڪاريءَ جو ماحول وڌيڪ بهتر ٿيو. رپورٽ موجب ڊجيٽل پاڪستان ويزن 2030ع تحت پائيدار سيڙپڪاري ۽ جامع معاشي ترقيءَ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڊجيٽل تبديليءَ جون مضبوط بنيادون قائم ڪري ورتيون آهن، ڊجيٽل گورننس ۾ بهتري، قومي چٽاڀيٽيءَ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو ڪردار مضبوط ٿيو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 2030ع تائين اعتماد جوڳي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ جو هدف هئڻ گهرجي، حڪومت، صنعت ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي گڏيل سهڪار، 2024ع کان 2025ع دوران عورتن ۾ موبائل انٽرنيٽ جو استعمال 45 مان وڌي 53 سيڪڙو ٿيو، موبائل انٽرنيٽ جي استعمال ۾ صنفي فرق 25 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 8 سيڪڙو رهجي ويو، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي قومي پيداوار ۽ معاشي ترقيءَ جو اهم محرڪ قرار ڏنو ويو، پاڪستان ڊجيٽل معيشت طرف تيزيءَ سان اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. رپورٽ ۾ اهو به ٻُڌايو ويو آهي ته ڊجيٽل پاڪستان 2030ع لاءِ 5 اسٽريٽجڪ ترجيحون متعارف ڪرائڻ اڻٽر آهن، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري سڌارا ضروري آهن، موبائل شعبي 2025ع ۾ 278 ارب رپيا ٽيڪس ۽ فيسن جي مد ۾ ادا ڪيا، موبائل سيڪٽر جي ٽيڪس ادائگين واري شعبي جي مجموعي آمدني اٽڪل 40 سيڪڙو رهي، فائيو جي نيٽ ورڪ جي واڌ لاءِ سيڙپڪاريءَ جي گنجائش برقرار رکڻ اڻٽر آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن جي ڊجيٽل شموليت ۾ اڳڀرائيءَ باوجود استعمال جو فرق برقرار آهي، ڊجيٽل ترقيءَ جي وڏي رڪاوٽ نيٽ ورڪ نه پر سگهه آهي، ڊجيٽل مهارت ۽ اوزارن تائين پهچ آهي، ڊجيٽل پاليسيءَ جو محور صرف ڪنيڪشن نه پر عوام جي مؤثر، محفوظ ۽ سستي پهچ هئڻ گهرجي، حڪومت ۽ صنعت کي ڊجيٽل شموليت وڌائڻ لاءِ گڏيل قدم تيز ڪرڻا پوندا، پائيدار سيڙپڪاري، ڊجيٽل اعتماد ۽ جامع ترقي ئي ڊجيٽل پاڪستان 2030ع جا بنياد آهن.










