اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي درخواست تي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ سڄي ملڪ جي علائقائي پاسپورٽ آفيسن کي هدايت ڪئي آهي ته حج 2027ع جي خواهشمند پانڌيئڙن جي پاسپورٽ جي تجديد ۽ جاري ڪرڻ کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته حج 2027ع جي تيارين جي حوالي سان اڳڀرائي سامهون آئي …
حج 2027ع جي خواهشمند پانڌيئڙن جي پاسپورٽ جي تجديد ۽ جاري ڪرڻ کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو ويندو: ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي درخواست تي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ سڄي ملڪ جي علائقائي پاسپورٽ آفيسن کي هدايت ڪئي آهي ته حج 2027ع جي خواهشمند پانڌيئڙن جي پاسپورٽ جي تجديد ۽ جاري ڪرڻ کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته حج 2027ع جي تيارين جي حوالي سان اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن مطابق ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن حج 2027ع جي خواهشمند ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاري هدايتن مطابق اهڙا درخواستگذار جن وٽ پاسپورٽ جو مدو 16 نومبر 2027ع کان اڳ ختم ٿي رهيو آهي، انهن کي فوري طور تي پاسپورٽ جي تجديد جي سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن هو حج رجسٽريشن ۽ ايندڙ مرحلا وقت سر مڪمل ڪري سگهن، انهن قدمن جو مقصد پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ دير سبب ڪنهن به شهري کي حج 2027ع جي عمل کان محروم ٿيڻ کان بچائڻ آهي.










