نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ڪانگريس جي هڪ وفد اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آمريڪي ڪانگريس جي وفد ۾ ريان زنڪي ۽ مائيل بائومگارٽنر شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ جاري مثبت اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ڪانگريس جي هڪ وفد اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آمريڪي ڪانگريس جي وفد ۾ ريان زنڪي ۽ مائيل بائومگارٽنر شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ جاري مثبت اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي)، توانائي ۽ ٻين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پارلياماني سطح تي مسلسل رابطا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد کي فروغ ڏيڻ ۽ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪانگريس جي وفد آمريڪي معيشت ۽ معاشري ۾ متحرڪ پاڪستاني ڄائي آمريڪي برادري جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي ان کي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ مضبوط ۽ اهم پُل قرار ڏنو. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي ڪانگريس ميمبرن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو.

مزید خبریں