نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران آمريڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ بهتر سيڙپڪاري جي ماحول مان فائدو کڻڻ جي دعوت

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ بهتر سيڙپڪاري جي ماحول مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ بهتر اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي ايندڙ 5 سالن ۾ گڏيل واپار کي وڌائي 20 ارب ڊالر تائين وٺي وڃي سگهن ٿا. اڱاري ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ آمريڪي ڪانگريس جي …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ بهتر سيڙپڪاري جي ماحول مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ بهتر اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي ايندڙ 5 سالن ۾ گڏيل واپار کي وڌائي 20 ارب ڊالر تائين وٺي وڃي سگهن ٿا. اڱاري ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ آمريڪي ڪانگريس جي هڪ وفد ۽ اعلى سطح جي آمريڪي ڪاروباري وفد کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اڀرندڙ شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ پُرعزم آهي. وفد جي آجيان ڪندي سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ترتيبوار دنيا جي پنجين ۽ ٽئين وڏي آبادين ۾ آهن ۽ اهي هڪ ٻئي جي اقتصادي صلاحيتن مان فائدو کڻندي گڏيل مفاد تي ٻڌل مضبوط حصيداري قائم ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي برآمدات جي لاءِ سڀ کان وڏي واحد منڊيءَ آهي، گذريل مالي سال دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو 9.4 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. هن يقين ظاهر ڪيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ واپاري ڪاٿي کي وڌائي 20 ارب آمريڪي ڊالر تائين وٺي وڃي سگهجي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهڙي منصفاڻي، متوازن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل واپار تي يقين رکي ٿو جيڪو ٻنهي معيشتن جي لاءِ قدر پيدا ڪري ۽ ٻنهي ملن جي عوام جي گڏيل خوشحالي جو سبب بڻجي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا کان ڪپهه ۽ سويابين درآمد ڪندڙ وڏن ملڪن ۾ شامل آهي جنهن سان آمريڪي آبادگارن کي فائدو پهچي ٿو جڏهن ته پاڪستان آمريڪي هائيڊرو ڪاربن مصنوعات جي هڪ اهم منڊيءَ جي طور تي پڻ اڀري رهيو آهي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ جديد مشينري، ٽيڪنالاجي ۽ ٻئي سامان جي وڌندڙ طلب آمريڪي صنعتڪارن جي لاءِ نمايان موقعا فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ناليواري آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، اهم معدنيات، توانائي، دفاع ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ جاري سڌارن ۽ آمريڪي جي چٽاڀيٽي ٽيرف پاليسي پڻ ملڪ کي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائي ڇڏيو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته اهو هڪ ون ونڊو پليٽ فارم آهي جيڪو سيڙپڪارن کي سموريون ضروري منظورين جي عمل کي آسان بڻائڻ ۽ حڪومتي ادارن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي جي ذريعي سهولت فراهم ڪري ٿو. هن آمريڪي ڪاروباري اڳواڻن کي ترغيب ڏني ته اهي ايس آءِ ايف سي سان پنهنجو رابطو برقرار رکن ته جيئن دستياب موقعن کي ڊگهي مدي واري واپاري حصيداري ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت آمريڪي حڪومت، ڪاروباري ادارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان تعميري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پُرعزم آهي ته جيئن شين ۽ خدمتن، خاص طور تي آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، توانائي، مينوفيڪچرنگ، اهم معدنيات، زراعت ۽ ٻين اڀرندڙ شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۽ ٽيڪنالاجي پارڪس سميت چٽاڀيٽي مراعتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. نائب وزيراعظم ان اميد جو اظهار پڻ ڪيو ته آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ، آمريڪي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريسن ۽ آمريڪي ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ ايجنسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ پنهنجو تعاون جاري رکندا. هن آمريڪي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي اقتصادي تبديلي جو حصيدار بڻجڻ جي دعوت ڏيندي خاطري ڪرائي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ان جي ڊگهي مدي واري ڪاميابي جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي رهندي. هن چيو ته واشنگٽن ۾ پاڪستان جو سفارتخانو ۽ سڄي آمريڪا ۾ قائم پاڪستاني قونصل خانا آمريڪي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ مدد فراهم ڪندا رهندا. ٻطرفي لاڳاپن جي وسيع ڏس ۾ روشني وجهندي محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان تڪرارن جي حل ۽ علائقائي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي ئي واحد پائيدار رستو سمجهي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان عالمي سفارتي سطح تي پنهنجي مثبت سڃاڻپ کي مضبوط بڻايو آهي ۽ اڄ ان کي هڪ ذميوار امن پسند ملڪ جي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو جيڪو علائقائي ۽ عالمي استحڪام ۾ موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن آمريڪي ڪاروباري وفد جي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي آمريڪا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص جي سفير جو ڪردار ادا ڪن ۽ آمريڪي ڪاروباري برادري آڏو پاڪستان جي وسيع اقتصادي صلاحيتن ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں