سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير پاران پاڪستان جي پهرين رول آن/رول آف کيپ تحت 2 هزار کان وڌيڪ اليڪٽرڪ گاڏيون کڻي ايندڙ جهاز جي آمد جو اعلان

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پاڪستان جي پهرين رول آن/رول آف کيپ تحت 2 هزار کان وڌيڪ اليڪٽرڪ گاڏيون (اي ويز) کڻي ايندڙ جهاز ايم وي گرانڊي شنگهائي جي آمد جو اعلان ڪيو. سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ٻُڌايو ته 220 ميٽر ڊگهي آر او آر او جهاز ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پاڪستان جي پهرين رول آن/رول آف کيپ تحت 2 هزار کان وڌيڪ اليڪٽرڪ گاڏيون (اي ويز) کڻي ايندڙ جهاز ايم وي گرانڊي شنگهائي جي آمد جو اعلان ڪيو. سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ٻُڌايو ته 220 ميٽر ڊگهي آر او آر او جهاز ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل ملٽي پرپز لميٽيڊ ٽرمينل تي ڪاميابيءَ سان لنگر انداز ٿيو. هن ان اڳڀرائيءَ کي پاڪستان جي سامونڊي ۽ لاجسٽڪس جي شعبن لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل قرار ڏنو. هن چيو ته ان جهاز جي آمد جو عمل گذريل مهيني سامونڊي معاملن بابت ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي آر او آر او کيپن جي منظوريءَ کان پوءِ ممڪن ٿيو. وفاقي وزير وڌيڪ ٻُڌايو ته جهاز جي ڪامياب هينڊلنگ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته بندرگاهه جو بنيادي ڍانچو عالمي معيارن موجب خصوصي ڪارگو آپريشنز کي سنڀالڻ جي وڌندڙ صلاحيت رکندڙ آهي. هن چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين جي ملڪ جي پهرين آر او آر او کيپ عالمي صاف چُرپر ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ سپلاءِ چين ۾ پاڪستان ترتيبوار لاڳو ڪرڻ کي به اجاگر ڪيو. جنيد انوار چوڌري چيو ته روايتي ڪارگو جهازن جي اُبتڙ، آر او آر او جهازن جي ڦيٿن واري ڪارگو جي چرپر لاءِ بڻايو ويو آهي، جنهن سان گاڏين کي سڌيءَ ريت جهاز تي ۽ ٻاهر هلائي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هي نظام ڪارگو هينڊلنگ جي وقت کي نمايان طور تي گهٽ ڪري ٿو، آپريشن حفاظت کي وڌائي ٿو ۽ بندرگاهن تي مجموعي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي ٿو. هن چيو ته ايم وي جي ڪامياب برٿنگ- گرانڊي شنگهائي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي پورٽ آپريشنز کي جديد بڻائڻ ۽ مؤثر ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل لاجسٽڪس ذريعي واپار کي آسان بنائڻ جي عزم جو مظاهرو ڪيو. وفاقي وزير ميري ٽائم سيڪٽر کي مضبوط بنائڻ ۽ـ عالمي شپنگ نيٽ ورڪس سان پاڪستان جي رابطن کي وڌائڻ لاءِ قدمن جي حمايت لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں