نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگھائي جو نهايت لاڀائتو دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو

اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته چين جي شهر شنگھائي جو هڪ نهايت لاڀائتو دورو مڪمل ڪري وطن واپس ٿي رهيو آهيان. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، نائب وزيراعظم پنهنجي مختصر پر اهم دوري دوران عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ قيادت پاران شاندار مهمان نوازي ۽ شاندار انتظامن تي …

اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته چين جي شهر شنگھائي جو هڪ نهايت لاڀائتو دورو مڪمل ڪري وطن واپس ٿي رهيو آهيان. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، نائب وزيراعظم پنهنجي مختصر پر اهم دوري دوران عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ قيادت پاران شاندار مهمان نوازي ۽ شاندار انتظامن تي ٿورن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم گلوبل آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي افتتاحي تقريب ۾ چيني صدر شي جن پنگ جي دانشمنداڻي تقرير کي به ساراهيندي چيو ته چين جي صدر صحيح طور تي مصنوعي ذهانت کي انسانيت جي اجتماعي دانش جو هڪ قيمتي سرمايو قرار ڏنو آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته هي ان حقيقت جي بروقت يادگيري آهي ته جڏهن ته هي انقلابي ٽيڪنالاجي جٿي بيشمار امڪان رکي ٿي اُتي ان ڳالهه جيگڏيل ذميداري به لاڳو ڪري ٿي ته ان کي انسانيت جي اجتماعي ڀلائي لاءِ ڪتب آندو وڃي. نائب وزيراعظم چيو ته آئُون پنهنجي ويجهي دوست چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جو سندس گرمجوش ميزباني ۽ تعميري ڳالهين لاءِ خاص طور تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته اسان پاڪستان-چين سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو، جنهن ۾ سي پيڪ 2.0 تحت اعليٰ معيار جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته ان ڏس ۾ بليڪ ڊڪ مائننگ پروجيڪٽ، قراقرم هاءِ وي ريئلائنمينٽ پروجيڪٽ سميت ٻطرفي تعاون جي ٻين ترجيحي شعبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، جن تي مئي 2025ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي سرڪاري دوري دوران ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ اتفاق ٿيو هو. نائب وزيراعظم چيو ته آئُون پاڻ سان گڏ وفد جي ميمبرن جي خدمتن جي به واکاڻ ڪريان ٿو، جن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن جو وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پنجاب جي وڏي وزير جو مصنوعي ذهانت ۽ خاص قدمن بابت صلاحڪار علي مصطفيٰ ڊار، پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جو چيئرمين بلال بن ثاقب ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پئسفڪ) ڊاڪٽر سيد اسد علي گيلاني شامل آهن، جن جي محنت ۽ لگن هن دوري کي ڪامياب ۽ لاڀائتو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته آئُون چين ۾ پاڪستان جي سفارتي مشن ۽ شنگھائي ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي عملدارن جو پڻ سرڪاري دوري دوران ڀرپُور تعاون تي دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان. نائب وزيراعظم چيو ته ايندڙ هفتي اهم سفارتي مصروفيتن ۽ ٻين سرڪاري ذميوارين کي سرانجام ڏيڻ جي لاءِ اسلام آباد واپس روانو ٿي رهيو آهيان.

مزید خبریں