شنگھائي- 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستاني وفد سان گڏ، جمعي ڏينهن شنگھائي ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس 2026ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کي چين جي صدر شي جن پنگ خطاب ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، هي تقريب گذريل رات پاڪستان سميت باني ميمبر ملڪن پاران هڪ معاهدي تي صحيحن ذريعي ورلڊ آرٽيفيشل …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي شنگھائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس 2026ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت

مزید خبریں
شنگھائي- 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستاني وفد سان گڏ، جمعي ڏينهن شنگھائي ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس 2026ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کي چين جي صدر شي جن پنگ خطاب ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، هي تقريب گذريل رات پاڪستان سميت باني ميمبر ملڪن پاران هڪ معاهدي تي صحيحن ذريعي ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي قيام کانپوءِ منعقد ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جامع، منصفاڻي ۽ شموليتي عالمي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) گورننس، اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز تائين وسيع پهچ، اسرندڙ ملڪن لاءِ صلاحيت ۾ اضافي ۽ ڊجيٽل ويڇن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ عالمي تعاون جي فروغ جي حمايت ڪري ٿو ته جيئن مصنوعي ذهانت جا فائدا دنيا جي سڀني ملڪن ۽ ماڻهن تائين برابري جي بنياد تي پهچي سگهن.









