پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ”آپريشن شعبان“ جاري، مجموعي طور 129 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي-16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ”آپريشن شعبان“ جاري آهي، 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين ڳجهي اطلاعن تي ٻَڌل آپريشنز ۾ مجموعي طور 129 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي مؤثر ڪاررواين جي نتيجي ۾ خوارجي دهشتگردن کي وڏي نقصان جو مُنهن ڏسڻو پيو. سيڪيورٽي فورسز جي ان ڪاررواين دوران وڌيڪ 3 …

راولپنڊي-16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ”آپريشن شعبان“ جاري آهي، 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين ڳجهي اطلاعن تي ٻَڌل آپريشنز ۾ مجموعي طور 129 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي مؤثر ڪاررواين جي نتيجي ۾ خوارجي دهشتگردن کي وڏي نقصان جو مُنهن ڏسڻو پيو. سيڪيورٽي فورسز جي ان ڪاررواين دوران وڌيڪ 3 دهشتگردن کي ماريو ويو. سيڪيورٽي فورسز طرفان خوارجي دهشتگردن جي ڏورانهن علائقن ۾ موجود ٺڪاڻن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 91 ٿي ويو. 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين ڳجهي اطلاع تي ٻَڌل آپريشنز ۾ مجموعي طور 129 خوارجي ماريا ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري رهندو.