مؤثر ۽ عوام دوست انصاف واري نظام لاءِ اداره جاتي تعاون اڻٽر آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي مؤثر عدالتي انتظام، پيشيوراڻي سگهه ۽ عوام کي بهتر عدالتي خدمتن جي فراهميءَ لاءِ اداره جاتي تعاون ۽ بهترين طريقيڪار جي مسلسل مٽاسٽا کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو ته عدليه جي جاري سڌارا جاتي ايجنڊا عوام مرڪز، ٽيڪنالاجيءَ سان هڪجهڙائي، شفاف ۽ مؤثر انصاف جي قيام تي ٻَڌل آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب …

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي مؤثر عدالتي انتظام، پيشيوراڻي سگهه ۽ عوام کي بهتر عدالتي خدمتن جي فراهميءَ لاءِ اداره جاتي تعاون ۽ بهترين طريقيڪار جي مسلسل مٽاسٽا کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو ته عدليه جي جاري سڌارا جاتي ايجنڊا عوام مرڪز، ٽيڪنالاجيءَ سان هڪجهڙائي، شفاف ۽ مؤثر انصاف جي قيام تي ٻَڌل آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ آزاد ڄمون ڪشمير جي آفيسرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو، جيڪو ادارا جاتي سگهه ۽ تجربن جي مٽاسٽا جي پروگرام تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دؤري تي اسلام آباد آيل آهي. چيف جسٽس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته عدالتي معاملن ۾ گڏيل تعاون، پيشيوراڻي مهارت ۾ واڌ ۽ جديد انتظامي طريقن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي وفد کي سپريم ڪورٽ پاران جاري سڌارا جاتي ايجنڊا، انتظامي ۽ عدالتي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي اِي فائلنگ، وڊيو لِنڪ ذريعي ٻُڌڻي، ڊجيٽل ڪيس مئنجمينٽ سسٽم، نيشنل جوڊيسل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ، پبلڪ فيسيليٽيشن سينٽر ۽ ٻين ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل سڌارن کان به آگاهه ڪيو ويو. وفد سپريم ڪورٽ جي پبلڪ فيسيليٽيشن سينٽر، سپريم ڪورٽ ميوزيم ۽ آءِ ٽي ڊائريڪٽوريٽ جو پڻ دؤرو ڪيو ۽ عدالتي سڌارن ۽ فني قدمن کي ساراهيو. وفد ڊجيٽل نقل جاري ڪرڻ، ڪيس مئنجمينٽ ۽ عدالتي ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ ادارا جاتي تعاون جي آڇ ڪئي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ادارن گڏيل تعاون، پيشيوراڻي سگهه ۽ بهترين طريقيڪار جي مسلسل مٽاسٽا جي عزم کي ورجائيندي مؤثر، قابلِ رسائي ۽ عوام دوست انصاف واري نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.