اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان معياري تعليم، تحقيق ۽ جدت ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي علم تي ٻَڌل معيشت جو بيناد رکي رهيو آهي، حڪومت عالمي معيار جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن سان ڀائيواريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏئي انساني وسيلن جي ترقي، تحقيق، انوويشن ۽ پائيدار معاشي اؤسر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور قدم جاري …
پاڪستان معياري تعليم، تحقيق ۽ جدت ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي علم تي ٻَڌل معيشت جو بيناد رکي رهيو آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان معياري تعليم، تحقيق ۽ جدت ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي علم تي ٻَڌل معيشت جو بيناد رکي رهيو آهي، حڪومت عالمي معيار جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن سان ڀائيواريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏئي انساني وسيلن جي ترقي، تحقيق، انوويشن ۽ پائيدار معاشي اؤسر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور قدم جاري رکندي ته جيئن اُڏام پاڪستان جي ويزن تحت پاڪستان کي علم تي ٻَڌل، چٽاڀيٽي ۽ جديد معيشت ۾ تبديل ڪري سگهجي. خميس ڏينهن رٿابندي واري وزارت مان جاري بيان موجب پروفيسر احسن اقبال پنهنجي بوسٽن جي دؤري دوران ناليوارين تعليمي ادارن، محققن ۽ جدت سان واڳيل ادارن جي سربراهن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ اعليٰ تعليم، موسمياتي لچڪ، معاشي ترقي، عوامي پاليسي، تحقيق ۽ جدت جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ادارا جاتي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ احسن اقبال پروفيسر عادل نجم ۽ تحقيق جي نائب صدر ڊاڪٽر ڪين لچن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ـ پاڪستان جي انساني وسيلن جي سگهه وڌائڻ جي مختلف امڪانن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير حڪومت جي اهم منصوبي آمريڪا پاڪستان ناليج ڪوريڊور کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته ان منصوبي تحت 10 هزار پاڪستاني شاگردن کي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان ڊاڪٽريٽ جي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي. هن اهڙي ڀائيواريءَ جي ماڊل جي تجويز ڪئي جنهن تحت پاڪستاني محققن پاڪستان کي درپيش اهم ترقياتي چئلينجز تي آمريڪي يونيورسٽين ۾ تحقيق ڪن جڏهن ته يونيورسٽيون تعليمي خرچن ۾ معاونت فراهم ڪنديون ۽ پاڪستاني سفري ۽ انتظامي خرچ برداشت ڪري. ان تجويز کي هاڪاري انداز ۾ ساراهيو ويو ۽ ٻنهي طرفان ان اڳڀرائيءَ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته آمريڪا جي حقيقي طاقت انهن جون يونيورسٽيون آهن، پاڪستان به معياري تعليم، تحقيق ۽ جدت ۾ سيڙپڪاريءَ ذڙيعي علم تي ٻَڌل معيشت جو بنياد رکي رهيو آهي ۽ ان مقصد لاءِ دنيا جي ناليوارين تعليمي ادارن سان مضبوط حصيداري اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ اعليٰ تائين رسائي وڌائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي فل برائيٽ وظيفن جي گڏيل مالي معاونت ڪن ٿا جنهن سبب وڏي انگ ۾ پاڪستاني شاگرد آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ تعليم هيٺ آهن. هن مصنوعي ذهانت کي اعليٰ تعليم ۾ مؤثر انداز سان شامل ڪرڻ، نصاب، تدريسي طريقيڪار ۽ شاگردن جي جاچ جي جديد نظام مان فائدو کڻڻ جي حوالي سان به سهڪار جي خواهش ظاهر ڪئي. بعد ۾ وفاقي وزير بوسٽن يونيورسٽيءَ جي عالمي پائيداري ۽ عالمي ترقياتي پاليسي مرڪز جو دؤرو ڪيو جتي ڊاڪٽر بينجمن سووا ڪول ۽ ڊاڪٽر وليم ڪرنگ سان ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي، پائيداري ترقي ۽ تحقيقي سهڪار جي مختلف رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ جي شديد اثرن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي، جيتوڻيڪ عالمي حدت ۾ ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو حوالو ڏيندي موسمياتي موافقت، لچڪ، حياتي جدت جي تحفظ، صاف توانائي کي هٿي وٺرائڻ ۽ موسمياتي مالي معاونت جي نَون ذريعن تي گڏيل تحقيق جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس ۽ بوسٽن يونيروسٽي جي لاڳاپيل تحقيقي ادارن وچ ۾ شاهدين تي ٻَڌل پاليسي سازي ۽ موسمياتي تحقيق جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڏٺو ويو. وفاقي وزير بعد ۾ هارورڊ ڪينيڊي اسڪول جي گروٿ ليب جو دؤرو ڪيو، جتي اُڏام پاڪستان تحت ملڪ جي ڊگهي مُدي واري معاشي حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. هن گروٿ ليپ کي پاڪستان جي هڪ کرب ڊالرن جي معيشت جي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ترقياتي حڪمت عمليءَ جوڙڻ ۽ ان ۾ بهتري جي عمل ۾ حصيداريءَ جي دعوت ڏني. اجلاس ۾ روانگي واپار ۾ واڌ، پيداواري صلاحيت ۾ بهتري، مالياتي سڌارن، صنعتي ۽ واپاري حڪمت عملي، معاشي چٽاڀيٽي، صنعتي مرڪزن ۽ رسدي نظام جي مضبوطيءَ جهڙا اهم موضوع بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي اهڙيون قابل عمل سفارشون گهربل آهن جيڪي روانگي واپار کي 100 ارب ڊالرن تائين وٺي وڃن.










