اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خميس ڏينهن خام تيل، سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جي آگسٽ ۾ رسد جي معاهدي 0.01 ڊالر جي گهٽتائي سان 79.59 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جا سيپٽمبر ۾ رسد سان 0.26 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 84.69 ڊالر …
عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل، سون ۽ جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خميس ڏينهن خام تيل، سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جي آگسٽ ۾ رسد جي معاهدي 0.01 ڊالر جي گهٽتائي سان 79.59 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جا سيپٽمبر ۾ رسد سان 0.26 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 84.69 ڊالر في بيرل ۾ ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ سون ۽ چانديءَ جي اگهن ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ سون جي اگهه ۾ 18.30 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 4033.50 ڊالر في اونس جڏهن ته چانديءَ جي اگهه 0.08 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 57.36 ڊالر في اونس جي سطح تي اچي وئي. زرعي جنسن ۾ مڪئي جي قيمت 0.75 ڊالر جي گهٽتائيءَ سان 468.75 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جي قيمت هڪ ڊالر جي گهٽتائيءَ سان 676.50 ڊالر في بشل رڪارڊ ڪئي وئي.












