اسلام آباد - 16 جولاءِ (اي پي پي) اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون دور ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) سفير عائشه علي ڪئي، جڏهن ته پرتگالي وفد جي سربراهي پرتگال پرڏيهي وزارت جي پرڏيهي پاليسي واري ڊائريڪٽر جنرل سفير هيلينا مالڪاٽا ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي …
اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون دور

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون دور ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) سفير عائشه علي ڪئي، جڏهن ته پرتگالي وفد جي سربراهي پرتگال پرڏيهي وزارت جي پرڏيهي پاليسي واري ڊائريڪٽر جنرل سفير هيلينا مالڪاٽا ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ واپار ۽ سيڙپڪاري، افرادي قوت جي چرپر، زراعت، قابل تجديد توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، سياحت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطن، بندرگاهي رابطاڪاري ۽ زيتون جي پوکيءَ ۽ پراسيسنگ جي شعبي ۾ تعاون جي موقعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گهڻ رخي فورمز تي گڏيل تعاون ۽ هم آهنگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. دوري دوران پرتگالي وفد پرڏيهي سيڪريٽري سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مشاورت جو اهو دور خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ منعقد ٿيو. ٻنهي ڌرين باقاعده سياسي ڳالهه ٻولهه جي تسلسل ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي لزبن ۾ منعقد ڪيو ويندو.











