زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاق هلندڙ سال هڪ هزار وڌيڪ فريش گريجوئيٽس کي جديد تربيت جي لاءِ چين موڪليندو، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي صلاحيت مان مڪمل فائدو نه پيو کنيو وڃي، زرعي تحقيق ۽ تربيت جا ادارا مرده گهوڙا بڻجي چڪا …

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاق هلندڙ سال هڪ هزار وڌيڪ فريش گريجوئيٽس کي جديد تربيت جي لاءِ چين موڪليندو، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي صلاحيت مان مڪمل فائدو نه پيو کنيو وڃي، زرعي تحقيق ۽ تربيت جا ادارا مرده گهوڙا بڻجي چڪا آهن، وات کُر جي بيماري جي ويڪسين جي لاءِ گهربل فنڊز حڪومت فراهم ڪندي، اي آءِ ۽ آءِ ٽي سميت جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدت سان زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو ۽ پاڪستان هڪ سال ۾ خوشحال ۽ پاڻڀرو ٿي سگهي ٿو. هو اربع ڏينهن پاڪستان ۾ لائيو اسٽاڪ جي صلاحيت جي حوالي سان قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي جي ماهرن ۽ لاڳاپيل عملدارن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جي لاءِ ڪوششن ساراهه جوڳيون آهن پر اهو ڊگهو سفر آهي جنهن کي وفاق ۽ صوبن کي گڏجي طئي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هاڻي ڳالهين جي نه عملي قدمن ۽ ڪم جي ضرورت آهي. الله تعالى پاڪستان کي زرخيز زمين، پاڻي، جبل، درياءَ سميت بهترين وسيلن سان مالامال ڪيو، اسان جا آبادگار محنتي ۽ جفاڪش آهن. جديد اوزارن ۽ مشينري جو استعمال نه ڪرڻ جي ڪري اسان خطي جي ملڪن کان تمام گهڻو پٺتي آهيون. هن چيو ته پاڪستان کير جي پيداوار جي لحاظ کان دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي پر ويليو ايڊيشن نه هجڻ سبب گوشت ۽ کير جي پيداوار جي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو نه پيو کنيو وڃي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو اعتماد جوڳو دوست آهي، هو ان شعبي ۾ چين جي ترقي ڏسي حيران رهجي ويا. هن پاڪستان ۾ زرعي تحقيق جي ادارن جي ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهي مرده گهوڙا بڻجي چڪا آهن، انهن جون حالتون ڏسي افسوس ٿئي ٿو پر حڪومت انهن جي مڪمل ٽرانسفارميشن ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ 18هين ترميم کانپوءِ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ صوبائي دائره ڪار ۾ آهن پر وفاق ۽ صوبن کي گڏجي قدم کڻڻا پوندا. وفاق ۽ صوبن کي پنهنجون پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون. زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي کي ترقي ڏئي هڪ سال ۾ معيشت کي بحال ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم وات کُر جي بيماري جي حوالي سان قدمن ۽ ويڪسين جي تياري جي لاءِ هدايت ڪندي چيو ته وفاق ان جي لاءِ ضروري فنڊز فراهم ڪندو پر ان کي پروفيشنلز هلائيندا نه ته پي اي آر سي جهڙو حشر ٿيندو. وزيراعظم چيو ته وات کُر جي بيماري تي ضابطو آڻڻ تائين لائيو اسٽاڪ جي برآمدات کي بهتر نه ٿو بڻائي سگهجي. هن اعلان ڪيو ته وفاق جهڙي طرح اڳ ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ مان هڪ هزار فريش زرعي گريجوئيٽس کي جديد تربيت جي لاءِ چين موڪليو اهڙي طرح هن سال به وڌيڪ هڪ هزار گريجوئيٽس کي موڪليو ويندو. وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪيو ته ان عمل ۾ به سفارشن تي ماڻهن کي موڪلڻ جي ڪوشس ڪئي وئي، هي قوم جو پئسو آهي، ميرٽ تي زرعي گريجوئيٽس جي چونڊ ڪئي ويندي. وسيلا حقدارن تي خرچ ڪرڻا پوندا. چين موڪليا ويندڙ گريجوئيٽس جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي آهي. وزيراعظم چيو ته زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ جدت آڻي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معيشت کي بحال ڪري سگهجي ٿو. اي آءِ، آءِ ٽي سميت جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدت سان زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو. وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪرڻو پوندو، اهڙي طرح پاڪستان پاڻڀرو ۽ خوشحال ٿي سگهي ٿو. ان کان اڳ وزيراعظم ليپ ٽاپ جي ذريعي گرين ڪارپوريٽ لائيو اسٽاڪ انيشي ايٽو جي پروگرام جو افتتاح ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته وزيراعظم لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو، سيمينار جو مقصد لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ جدت جو فروغ آهي، وزيراعظم هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت جي لاءِ چين موڪليو، وزيراعظم جي هدايت تي چين جي اداري سان حصيداري ڪئي وئي. هن چيو ته نيشنل سيڊ پاليسي سرٽيفائيڊ ٻجن جي لاءِ ضروري آهي. لائيو اسٽاڪ ۽ غذائي تحفظ واري ڪوآرڊينيٽر احمد عمير چيو ته لائيو اسٽاڪ جو شعبو ملڪي معاشي ترقي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ صحتمند جانور اسان جو مقصد آهي ته جيئن گوشت جي وڌ کان وڌ پيداوار حاصل ڪري سگهجي. گرين ڪارپوريٽ لائيو اسٽاڪ انيشي ايٽو جي سي اي او برگيڊيئر (ر) احتشام يونس چيو ته لائيو اسٽاڪ ملڪ جي جي ڊي پي جو اهم حصو آهي، پاڪستان کير جي پيداوار جي حوالي سان چوٿون وڏو ملڪ آهي، جانورن جي بهتر صحت پاڪستان ۾ اهم چئلينج آهي.