اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ جي چئلينج کي مُنهن ڏيڻ ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي قومي ترقيءَ جو ذريعو بنائڻ لاءِ قومي اتفاقِ راءِ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، پاڪستان جو مستقبل نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ هنرمنديءَ جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ سان واڳيل آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن ورلڊ پاپوليشن ڊي 2026ع جي …
سينيٽ چيئرمين پاران آباديءَ جي منصوبابندي ۽ نوجوانن جي ترقي لاءِ اجتماعي قدمن تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ جي چئلينج کي مُنهن ڏيڻ ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي قومي ترقيءَ جو ذريعو بنائڻ لاءِ قومي اتفاقِ راءِ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، پاڪستان جو مستقبل نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ هنرمنديءَ جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ سان واڳيل آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن ورلڊ پاپوليشن ڊي 2026ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي وڌندڙ آبادي هڪ چئلينج به آهي ۽ هڪ موقعو پڻ. هن چيو ته ملڪ جي 65 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 20 سالن کان گهٽ عمر ماڻهن تي ٻَڌل آهي، جيڪو هڪ قيمتي ڊيموگرافڪ ڊيوڊنڊ آهي، جڏهن ته ان مان ڀرپور فائدو صرف انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي ئي کڻي سگهجي ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آباديءَ ۾ مسلسل واڌ سبب صحت، تعليم، روزگار، آبي وسيلن ۽ ماحولياتي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ان لاءِ آباديءَ جي منصوبا بندي کي قومي اقتصادي ۽ ترقياتي حڪمتِ عملي جو لازمي حصو بنائڻ گهرجي. هن خانداني منصوبا بندي کي ماءُ ۽ ٻار جي بهتر صحت، غربت ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار ترقيءَ کي حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو قرار ڏنو. هن ان معاملي تي سياسي پارٽين وچ ۾ اتفاقِ راءِ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پارليامينٽ ذميداراڻي آباديءَ جي منصوبا بندي ۽ مؤثر پارلياماني نگرانيءَ لاءِ قانونسازي ۽ پاليسي قدمن جي ڀرپور حمايت جاري رکندي. هن سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن، سماجي شخصيتن ۽ ميڊيا تي زور ڀريو ته هو عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ خانداني منصوبا بندي بابت غلط فهمين جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڇاڪاڻ ته اها هڪ گڏيل قومي ذميداري آهي. سينيٽ چيئرمين قومي صحت واري وزارت، صوبائي حڪومتن، آباديءَ بابت گڏيل قومن جي اداري (يو اين ايف پي اي) ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته گڏيل سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن ذريعي پاڪستان پنهنجي آباديءَ کي قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي طاقت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.










