راولپنڊي - 15 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي، 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ مجموعي طور 126 خوارجي دهشتگرد ماريا ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جون فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ موثر ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز پاران خوارجين کي فضائي ۽ زميني ڪارروائين ذريعي نشانو بڻايو پيو …
پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس پاران گڏيل آپريشن شعبان جاري

مزید خبریں
راولپنڊي – 15 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي، 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ مجموعي طور 126 خوارجي دهشتگرد ماريا ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جون فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ موثر ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز پاران خوارجين کي فضائي ۽ زميني ڪارروائين ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي، سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائين جي نتيجي ۾ خوارجي دهشتگردن کي وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتين ڪارروائين دوران وڌيڪ 3 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. تصديق ٿيل اطلاعن موجب سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگدن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايوو يو. آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي تعداد 88 ٿي ويو آهي. 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ مجموعي طور تي 126 خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي، ته آخري دهستگرد جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري رهندو.









