اسلام آباد- 04 جولاءِ اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي آمريڪا جي آزادي جا 250 سال مڪمل ٿيڻ جي تاريخي موقعي تي دلي مبارڪ ڏني آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر آصف علي زرداري، آمريڪي صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ چيو ته آمريڪا پنهنجي طاقت، جدت، آزادي، جمهوريت ۽ برابري جي موقعن …
صدر آصف علي زرداري پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي يوم آزادي تي مبارڪ

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 جولاءِ اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي آمريڪا جي آزادي جا 250 سال مڪمل ٿيڻ جي تاريخي موقعي تي دلي مبارڪ ڏني آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر آصف علي زرداري، آمريڪي صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ چيو ته آمريڪا پنهنجي طاقت، جدت، آزادي، جمهوريت ۽ برابري جي موقعن جهڙن بنيادي قدرن سان وابستگي جي مضبوط روايت کي مسلسل اڳتي وڌائي رهيو آهي. هن چيو ته گذريل 250 سالن دوران آمريڪي عوام جي نمايان ڪارنامن دنيا جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پراڻا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن، امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. هن چيو ته آمريڪا ۾ آباد هڪ فعال ۽ متحرڪ پاڪستاني برادري انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان برادري جون ڪاميابيون ۽ خدمتون نه صرف ٻنهي ملڪن لاءِ فخر جو سبب آهن، پر اهي ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ دوستي، گڏيل اعتماد ۽ بهتر رابطن جو مضبوط ذريعو به آهن. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا هڪ هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، جتي ٻئي ملڪ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۽ مستقبل تي نظر رکندڙ مضبوط ڀائيواري جي فروغ لاءِ پرعزم آهن. هن ان رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ توانائي جي اعتماد جوڳي فراهمي، واپار، سيڙپڪاري، دفاع، دهشتگردي جي خاتمي ۽ ٻين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهو ۽ منظم سهڪار جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. صدر مملڪت چيو ته هڪ مضبوط پاڪ – آمريڪا ڀائيواري جو علائقائي امن ۽ سلامتي ۾ اهم ڪردار آهي، جنهن جي اهميت گذريل سال مئي ۾ ان وقت ثابت ٿي جڏهن صدر ٽرمپ ٻن ائٽمي هٿيارن سان ليس رياستن وچ ۾ جنگبندي جي ڪامياب ٽياڪڙي ڪرائي. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي منظر نامي سان اها شراڪتداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. هن ايران سان ڳالهين لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪردار تي به آمريڪا جي اعتماد کي ساراهيو. صدر مملڪت ان يقين جو اظهار ڪيو ته هڪ پائيدار حل صرف ڳالهين، سفارتڪاري ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. صدر آصف علي زرداري پاڪستاني عوام طرفان صدر ٽرمپ کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني.










