اسلام آباد- 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي دانائي، مدبراڻي قيادت جا ايران سميت سڄي خطي ۾ گهرا اثر ايندڙ نسلون به ياد رکنديون. ڇنڇر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته هن اسلامي جمهوريه ايران جي مرحوم سپريم ليڊر …
شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي مدبراڻي قيادت جا ايران سميت سڄي خطي ۾ گهرا اثر ايندڙ نسلون ياد رکنديون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي دانائي، مدبراڻي قيادت جا ايران سميت سڄي خطي ۾ گهرا اثر ايندڙ نسلون به ياد رکنديون. ڇنڇر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته هن اسلامي جمهوريه ايران جي مرحوم سپريم ليڊر شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي، جي جنازي نماز ۽ تدفين جي تقريب ۾ شرڪت ڪندي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان ايران حڪومت ۽ برادر ايراني عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايراني عوام سان پنهنجي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ساڻس گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به موجود هو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پارليامينٽ جا سينئر ميمبر، جن ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير ۽ اعليٰ سرڪاري عهديدار شامل هئا. هن چيو ته هڪ برادر پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ان ڏک ۾ ايران سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي.










