اسلام آباد- 04 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس(اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 65 لک رپيا ماليت جي 45.55 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري عورت سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان طرفان جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ فيڊرل بي ايريا ڪراچي ۾ واقع ڪوريئر آفيس ۾ بحرين ويندڙ پارسل ۾ موجود …
اي اين ايف جون ڪارروائيون، 65 لک رپيا ماليت جي 45.55 ڪلو گرام منشيات هٿ، عورت سميت 8 جوابدار گرفتار
اسلام آباد- 04 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس(اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 65 لک رپيا ماليت جي 45.55 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري عورت سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان طرفان جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ فيڊرل بي ايريا ڪراچي ۾ واقع ڪوريئر آفيس ۾ بحرين ويندڙ پارسل ۾ موجود ٻارن جي ڪپڙن مان 4 ڪلو گرام گرام آئس هٿ ڪري ورتي. ڪراچي صدر ۾ واقع ڪوريئر آفيس ۾ بحرين ويندڙ پارسل مان مرداڻن ڪپڙن ۾ جزب 6.350 ڪلو گرام آئس هٿ ڪري ورتي. بکر روڊ دسٽرڪٽ جهنگ ويجهو گاڏي مان 5 ڪلو گرام آئس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. شير شاهه ٽول پلازه ملتان ويجهو گاڏي مان 14.400 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪسٽم چوڪ پشاور ويجهو جوابدار جي قبضي مان 5 ڪلو گرام چرس ڪري ورتي. ڪينال روڊ لاهور ويجهو رڪشا ۾ سوار 2 جوابدارن کان 4.8 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتي. ميڪلوڊ روڊ لاهور مسجد ويجهو عورت جي قبضي مان 3.6 ڪلو گرام چرس ۽ 2.4 ڪلو گرام افيون هٿ ڪري ورتي. ڪارروائين جو منشيات جي روڪٿام ايڪٽ 1997ع تحت ڪيسن داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.








