اسلام آباد- 04 جولاءِ (اي پي پي) مقامي مارڪيٽ ۾ ڇنڇر ڏينهن سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل اگهن مطابق 24 قيراط سون جي في تولو قيمت ۾ 1100 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 39 هزار 8 سئو 36 روپين جو ٿي ويو. ساڳئي طرح 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 943 رپيا گهٽجي 3 لک …
مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي
اسلام آباد- 04 جولاءِ (اي پي پي) مقامي مارڪيٽ ۾ ڇنڇر ڏينهن سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل اگهن مطابق 24 قيراط سون جي في تولو قيمت ۾ 1100 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 39 هزار 8 سئو 36 روپين جو ٿي ويو. ساڳئي طرح 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 943 رپيا گهٽجي 3 لک 77 هزار 088 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 865 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 45 هزار 676 رپين تائين پهچي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت 11 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 4174 ڊالر في اونس رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي طرف چانديءَ جي في تولو قيمت 48 رپين جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ 6716 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام چانديءَ جي قيمت 42 رپيا گهٽجي 5757 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ چانڊي جي قيمت ۾ 0.48 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 62.37 ڊالر في اونس ٿي وئي.








