لاهور - 04 جولاءِ اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته حڪومت قانوني تعليم ۽ وڪالت جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ لاگيٽ، انٽري ٽيست، ڊگرين جي تصديق ۽ بائيو ميٽرڪ نظام جهڙا قدم متعارف ڪرايا آهن جڏهن ته وڪيلن ۽ انهن جي ڪٽنبن لاءِ صحت انشورنس پاليسي تي ڪم جاري آهي. ڇنڇر تي پنجاب بار ڪائونسل ۾ بار ووڪيشن ڪورس جي …
حڪومت قانوني تعليم ۽ وڪالت جي شعبن ۾ سڌاراجاتي قدم متعارف ڪرايا آهن: اعظم نذير تارڙ
لاهور – 04 جولاءِ اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته حڪومت قانوني تعليم ۽ وڪالت جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ لاگيٽ، انٽري ٽيست، ڊگرين جي تصديق ۽ بائيو ميٽرڪ نظام جهڙا قدم متعارف ڪرايا آهن جڏهن ته وڪيلن ۽ انهن جي ڪٽنبن لاءِ صحت انشورنس پاليسي تي ڪم جاري آهي. ڇنڇر تي پنجاب بار ڪائونسل ۾ بار ووڪيشن ڪورس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 2010ع ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي ليگل ايجوڪيشن ڪميٽي ذريعي سڌارن جو سفر شروع ڪيو ويو. ان وقت لا ڪاليجز ۾ سوين شاگردن کي داخلائون ڏنيون پئي ويون جنهن سان قانوني تعليم جو معيار متاثر ٿيو. هن چيو ته وڪالت جي شعبي کي منظم ڪرڻ لاءِ داخلائن کان اڳ انٽري ٽيسٽ، ايل ايل بي کان پوءِ لاگيٽ امتحان ۽ ڊگرين جي تصديق جو نظام متعارف ڪرايو ويو. سندس چوڻ موجب هي فيصلو آسان نه هو ۽ ان تي شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته پيشي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهي قدم اڻٽر هئا. وفاقي وزير چيو ته وڪيلن جي حاضري لاءِ بائيو ميٽرڪ نظام متعارف ڪرائڻ جي تياري مڪمل آهي ۽ ان حوالي سان نادرا سان فيس سميت ٻيا معاملا طئي ڪيا ويا آهن جڏهن ته بار نمائندن جي تجويزن جي روشني ۾ هن نظام کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. هن چيو ته وڪيلن ۽ انهن جي گهر ڀاتين لاءِ دل، گڙدن، جگر، ڪينسر سميت ٻين سنگين بيمارين جي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت انشورنس پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ صوبائي صحت واري وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون انهن منصوبن جي معاونت ڪنديون. هن چيو ته پنجاب بار ايسوسيئيشنز لاءِ 135 ڪروڙ روپين جي گرانٽ فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته بار ووڪيشنل ڪميٽي جي پروگرامن لاءِ به 2 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. هن وڪيلن تي زور ڀريو ته انتظامي معاملن ۾ دير جهڙن مسئلن تي غير ضروري احتجاج يا اهلڪارن سان خراب سلوڪ اختيار نه ڪيو وڃي ۽ اهڙا معاملا لاڳاپيل بار ڪائونسلز سان مشاورت ذريعي حل ڪيا وڃن. عدالتي سڌارن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته آئيني ترميمن تي بار ڪائونسلز سان مشاورت ڪئي وئي آهي ۽ ججن جي مقرري لاءِ پهريون ڀيرو 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا اميدوارن جي انٽرويو کان پوءِ پنهنجون سفارشون جوڊيشل ڪميشن کي موڪليندي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي ججز جي هڪ سال کان پوءِ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو جيڪڏهن ڪنهن جج جي ڪارڪردگي کان جوڊيشل ڪميشن مطمئن نه هوندي ته لاڳاپيل ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهبي. اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني ترميم اتفاق راءِ ۽ مشاورت سان ٿيڻ گهرجن. ۽ مستقبل ۾ قومي مفادن جي گهرجن موجب وسيع مشاورت سان ئي قانونسازي ڪئي ويندي.








