ويانا/آسٽريا- 04 جولاءِ اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته غير قانوني مائيگريشن خلاف پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي دنيا لاءِ مثال بڻجي وئي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي اثرائتي حڪمت عملي سبب غير قانوني مائيگريشن ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ڇنڇر ڏينهن گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق هن گلوبل الائنس ٽو ڪائونٽر مائيگرينٽ اسمگلنگ جي …
وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي اثرائتي حڪمت عملي سبب غير قانوني مائيگريشن ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي: طلال چوڌري
ويانا/آسٽريا- 04 جولاءِ اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته غير قانوني مائيگريشن خلاف پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي دنيا لاءِ مثال بڻجي وئي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي اثرائتي حڪمت عملي سبب غير قانوني مائيگريشن ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ڇنڇر ڏينهن گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق هن گلوبل الائنس ٽو ڪائونٽر مائيگرينٽ اسمگلنگ جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يورپي يونين طرفان غير قانوني مائيگريشن ۾ نمايان گهٽتائي تي پاڪستان جي اثرائتن قدمن کي ساراهيو ويو آهي. ان موقعي تي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته غير قانوني مائيگريشن خلاف پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي دنيا لاءِ مثال بڻجي وئي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي اثرائتي حڪمت عملي سبب غير قانوني مائيگريشن ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته غير قانوني هجرت هڪ سرحدي نه پر عالمي چئلينج آهي، گڏيل حڪمت عملي اڻٽر آهي، قانوني هجرت جا موقعا وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جديد ٽيڪنالاجي، انٽيليجنس شيئرنگ ۽ گڏيل حڪمت عملي ئي انساني اسمگلنگ جو اثرائتو حل آهي. طلال چوڌري چيو ته محفوظ، منظم ۽ قانوني هجرت کي هٿي وٺرائڻ کانسواءِ غير قانوني هجرت جو اثرائتو حل ممڪن ناهي. گلوبل الائنس جي شرڪت ڪندڙن غير قانوني مائيگريشن خلاف ايف آءِ اي جي اثرائتي ڪارڪردگي کي ساراهيو.








