تهران-03 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي آهي. تفصيلن موجب ملاقات دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، شهيد آيت الله خامنه اي جي ايران لاءِ خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جي رهبر اعليٰ شهيد آيت الله علي خامنه اي جي …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات
تهران-03 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي آهي. تفصيلن موجب ملاقات دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، شهيد آيت الله خامنه اي جي ايران لاءِ خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جي رهبر اعليٰ شهيد آيت الله علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ تهران ۾ موجود آهي.












