اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊانه سر بس حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏکويل ڪٽنبن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اسپيڪر الله تعاليٰ کان حادثي ۾ فوت ٿي ويلن …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران ڊانه سر بس حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊانه سر بس حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏکويل ڪٽنبن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اسپيڪر الله تعاليٰ کان حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابيءَ لاءِ پڻ دُعا ڪئي.












