اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان جي علائقي زوب ۾ مسافر بس جي حادثي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين افسوسناڪ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين حادثي ۾ فوت …
سينيٽ چيئرمين پاران زوب ۾ بس حادثي تي ڏُک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان جي علائقي زوب ۾ مسافر بس جي حادثي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين افسوسناڪ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿي ويل سمورن ماڻهن جي مغفرت ۽ درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرماءِ ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري.











