لاهور-03 جولاءِ (اي پي پي) جده ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چيئرمين شهزاده سعود بن مشعل آل سعود سان گڏ ڪنگ فهد عبدالعزيز يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دؤرو ڪيو. پي سي بي جي ترجمان موجب دؤري دوران محسن نقوي اسٽيڊيم جي مختلف سيشنز ۽ انڪلوزر جو تفصيلي معائنو ڪيو، جڏهن ته تجويز ڪيل تبديلين ۽ سهولتن جي …
پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي پاران ڪنگ فهد عبدالعزيز يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دؤرو
لاهور-03 جولاءِ (اي پي پي) جده ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چيئرمين شهزاده سعود بن مشعل آل سعود سان گڏ ڪنگ فهد عبدالعزيز يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دؤرو ڪيو. پي سي بي جي ترجمان موجب دؤري دوران محسن نقوي اسٽيڊيم جي مختلف سيشنز ۽ انڪلوزر جو تفصيلي معائنو ڪيو، جڏهن ته تجويز ڪيل تبديلين ۽ سهولتن جي بهتريءَ بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي کيس اسٽيڊيم جي موجوده صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ مستقبل جي منصوبا بندي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. محسن نقوي چيو ته هي اسٽيڊيم سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ جلد هتي عالمي ڪرڪيٽ ايونٽس جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لاءِ سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ جي شاندار سفر جو حصو بڻجڻ اعزاز جوڳو آهي. هن سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چيئرمين جي تعاون کي ساراهيندي سندس ٿورو مڃيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.












