عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ مليل جليل رجحان، جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي

اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ مليل جليل رجحان رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊئيٽ جي مستقبل جا سودا 0.10 ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 68.59 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سودا 0.04 ڊالرن جي واڌ کان پوءِ 71.84 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت 57.16 ڊالر جي واڌ کان پوءِ …

اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ مليل جليل رجحان رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊئيٽ جي مستقبل جا سودا 0.10 ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 68.59 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سودا 0.04 ڊالرن جي واڌ کان پوءِ 71.84 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت 57.16 ڊالر جي واڌ کان پوءِ 4179.51 ڊالر في اونس ۽ چانديءَ جي قيمت 2.12 ڊالر جي واڌ کان پوءِ 63.19 ڊالر في اونس ٿي وئي. زرعي جنسن جي قيمتن ۾ عام طور گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو، مڪئي جي قيمت 0.75 ڊالر گهٽتائيءَ کان پوءِ 441.50 ڊالر بي بشل ۽ ڪڻڪ جي قيمت 0.25 ڊالر گهٽتائيءَ کان پوءِ 599.75 ڊالر في بشل رهي.

مزید خبریں