تهران - 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اعلى سطحي وفد سان گڏ هڪ ڏينهن جي دوري تي ايران پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مهرآباد ايئرپورٽ تي ايران جي گهر وزير سڪندر مومني تهران ۾ پاڪستان جي سفير عمران احمد صديقي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي اعلى سفارتي عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تهران ۾ ايران جي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف اعلى سطحي وفد سان گڏ هڪ ڏينهن جي دوري تي ايران پهچي ويو

مزید خبریں
تهران – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اعلى سطحي وفد سان گڏ هڪ ڏينهن جي دوري تي ايران پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مهرآباد ايئرپورٽ تي ايران جي گهر وزير سڪندر مومني تهران ۾ پاڪستان جي سفير عمران احمد صديقي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي اعلى سفارتي عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تهران ۾ ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پاران ايراني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ايراني قوم سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندو. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پارليامينٽ ميمبر وزيراعظم سان گڏ آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندا.











