وزيراعظم پاران بلوچستان بس حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد۔03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي سرحدي علائقي شيراني دانه سر ۾ پيش آيل بس حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي …

اسلام آباد۔03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي سرحدي علائقي شيراني دانه سر ۾ پيش آيل بس حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.