اسلام آباد۔ 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ايران روانو ٿي ويو. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جو سيڪريٽري …
وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ايران روانو ٿي ويو
اسلام آباد۔ 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ايران روانو ٿي ويو. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جو سيڪريٽري جنرل نيئر حسين بخاري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف تهران ۾ ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پاڪستاني عوام ۽ حڪومت طرفان ايراني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندو ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ ڀائر ايراني قوم سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي کي ورجائيندو. بعد ۾، وزيراعظم ترڪي جي ٻطرفي دوري لاءِ تهران کان استنبول روانو ٿيندو.












