اسلام آباد۔03 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ عوام کي آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. جمعي تي ايوانِ صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته منسک جي آزاديءَ جو هي تاريخي ڏينهن آزادي ۽ خودمختياريءَ جي جدو جهد لاءِ بيلاروس جي عوام جي حوصلي ۽ پختي عزم جو يادگار …
صدر پاران بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ عوام کي آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد۔03 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ عوام کي آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. جمعي تي ايوانِ صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته منسک جي آزاديءَ جو هي تاريخي ڏينهن آزادي ۽ خودمختياريءَ جي جدو جهد لاءِ بيلاروس جي عوام جي حوصلي ۽ پختي عزم جو يادگار آهي. صدر چيو ته هي ڏينهن امن، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي طرف بيلاروس جي شاندار سفر جي فخر جوڳي نشاني آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي تمام گهڻو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ ترقي جي گڏيل خواهشن تي قائم آهن. هن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو.










