پاڪستان پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

اسلام آباد - 02 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ قومي سلامتي جي تحفظ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سدائين خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته هو پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو ڇو ته اها حڪومت جي اولين ترجيح آهي. …

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ قومي سلامتي جي تحفظ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سدائين خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته هو پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو ڇو ته اها حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي خميس ڏينهن پريس بريفنگ ۾ چيو ته تازن ڏينهن ۾ خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز آپريشن “غضب الحق” تحت انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون ڪيون آهن. ترجمان چيو ته 28 جون تي باجوڙ ضلعي ۾ چار دهشتگرد ماريا ويا جن ۾ هڪ اهم خوارج ڪمانڊر خان فروش عرف زبال پڻ شامل هو جڏهن ته ٻيا ٽي دهشتگرد ڀارت جي حمايت يافته گروهه جماعت الاحرار سان تعلق رکندا هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته 29 جون تي افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي حوالي سان ڊيمارش ڏنو ويو. هن چيو ته اهڙي نوعيت جو احتجاجي خط پاڪستان جي سفير عبيدالرحمان نظاماڻي پڻ افغان پرڏيهي وزارت جي عملدارن جي حوالي ڪيو. ترجمان چيو ته اهي احتجاجي خط ان حقيقت جي ڏس ۾ جاري ڪيا ويا ته ڪراچي حملي ۾ افغان شهري ملوث هئا جن ۾ هڪ حملي آور کي زندهه گرفتار ڪيو ويو. ترجمان چيو ته پاڪستان موجب اهو هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو  ثبوت آهي ته افغان سرزمين ۽ افغان شهري پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ۽ انهن تي عملدرآمد جي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. هن چيو ته گهرو وزارت هدايت جاري ڪئي آهي ته 10 جولاءِ کان پاڪستان ۾ بنا ڪارائتي ويزا جي رهندڙ ڪنهن به افغان شهري کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.






مزید خبریں