اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي دعوت تي (اڄ) جمعي تي تهران ۾ رٿيل ايراني سپريم ليڊر مرحوم سيد علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ايران روانو ٿي ويو. ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ سينيٽ چيئرمين سان گڏ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين آيت الله سيد علي خامنه …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، ايراني سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ تهران روانو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي دعوت تي (اڄ) جمعي تي تهران ۾ رٿيل ايراني سپريم ليڊر مرحوم سيد علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ايران روانو ٿي ويو. ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ سينيٽ چيئرمين سان گڏ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين آيت الله سيد علي خامنه اي جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سينيٽ پاڪستان ۽ پنهنجي پاران ايراني پارليامينٽ، حڪومت ۽ ايران جي عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي ڪريون ٿا. سينيٽ چيئرمين چيو ته مرحوم آيت الله سيد علي خامنه اي غير معمولي بصيرت، دانشمندي ۽ قائداڻين صلاحيتن وارو اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي ملڪ جي عزت ۽ وقار سان رهنمائي ڪئي. هن چيو ته سندس لاڏاڻي سان نه صرف ايران هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿيو آهي پر پاڪستان به هڪ مخلص دوست ۽ پوري مسلم اُمت هڪ دورانديش قائد کي وڃايو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آيت الله سيد علي خامنه اي جون خدمتون، قيادت ۽ مسلم دنيا لاءِ سندس ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرماءِ ۽ ايراني عوام کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.










